اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مانگي ڊيم پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي کانپوءِ پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور (ايف سي) ۽ بلوچستان پوليس جو گڏيل آپريشن شعبان جاري آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 13 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جنهن کانپوءِ آپريشن شعبان دوران مارجي ويل دهشتگردن جو انگ وڌي 39 ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، اڄ صبح خضدار واري علائقي ۾ دهشتگردن جي پوليس اسٽيشن تي حملي جي ڪوشش به ناڪام بڻائي وئي.
پاڪ فوج ۽ ايف سي جي ڪارروائي دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هيليڪاپٽر ذريعي ڪيل آپريشن ۾ وڌيڪ 5 کان 6 دهشتگردن جي مارجڻ جا اطلاع آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن شعبان دوران ڏکين جابلو علائقن ۾ دهشتگردن جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، 6 ۽ 7 جولاءِ تي به سيڪيورٽي فورسز 26 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو هو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، 5 جولاءِ کان جاري آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بنياد تي ڪيل ڪارروائين دوران هينئر تائين مجموعي طور 75 دهشتگرد ماريا ويا آهن.
مانگي ڊيم دهشتگرد حملي کانپوءِ بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري، وڌيڪ 13 خارجي مارجي ويا، انگ 39 ٿي ويو
You might also like