محمد عامر برطانوي شهري بڻجڻ کانپوءِ دي هنڊريڊ ليگ ۾ مقامي رانديگر طور شامل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر کي دي هنڊريڊ ليگ 2026 لاءِ ٽرينٽ راڪيٽس پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
رپورٽن موجب، محمد عامر جو ٽرينٽ راڪيٽس سان معاهدو ڪيو ويو آهي، جتي کيس آسٽريليا جي فاسٽ بالر ڊيوڊ پين جي جاءِ تي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.
برطانوي پاسپورٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ محمد عامر دي هنڊريڊ ليگ ۾ اوورسيز رانديگر بدران ڊوميسٽڪ رانديگر طور کيڏندو، جنهن سان ٽيم کي پرڏيهي رانديگرن واري ڪوٽا ۾ واڌ سهولت به ملندي.
ٻئي پاسي محمد عامر به ايڪس تي مختصر پيغام جاري ڪندي ٽرينٽ راڪيٽس ۾ شموليت تي خوشي ۽ جوش جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like