نسلا ٽاور بابت سپريم ڪورٽ جا پراڻا حڪم واپس، عدالتن کي قانوني دائري ۾ رهڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت ڪراچي جي نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو سبب بڻجندڙ سپريم ڪورٽ جا 21 ڊسمبر 2018ع ۽ 22 جنوري 2019ع وارا حڪم واپس وٺندي اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
آئيني عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو بنيادي اختيار عدليه جو نه، پر صوبائي حڪومت جو آهي.
عدالتن کي رڳو پنهنجي سامهون موجود تڪرار تائين محدود رهڻ گهرجي ۽ غيرضروري معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
فيصلي موجب، سپريم ڪورٽ ٻڌڻي هيٺ ڪيس جي دائري کان اڳتي وڌي وسيع حڪم جاري ڪيا، جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اَي) جي رپورٽن جي بنياد تي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ڊاهڻ جا حڪم جاري نٿا ڪري سگهجن.
آئيني عدالت وڌيڪ چيو ته هر ڪيس ۾ منصفاڻي قانوني ڪارروائي (ڊيو پروسيس) آئيني طور لازمي آهي، عدالت جو مقصد غيرقانوني اڏاوتن کي قانوني تحفظ ڏيڻ نه، پر قانون موجب ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي لاءِ اثرائتي قانوني نظام ۽ لاڳاپيل ادارا اڳ ئي موجود آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ واسطيدار ادارا اهڙين اڏاوتن جي نگراني ۽ قانون موجب ڪارروائي جا پابند آهن.
وفاقي آئيني عدالت سپريم ڪورٽ جا 21 ڊسمبر 2018ع ۽ 22 جنوري 2019ع وارا حڪم ۽ انهن جي بنياد تي ٿيل ڪارروائين کي به واپس وٺي ڇڏيو.
فيصلي سان گڏ جسٽس سيد ارشد حسين شاهه واڌو نوٽ پڻ لکيو، جنهن ۾ هن چيو ته شهرين جي بنيادي حقن ۽ عوامي سهولتن جو تحفظ رياست جي پهرين ذميواري آهي. پارڪن، راندين جي ميدانن، گرين بيلٽن، فٽ پاٿن، سامونڊي ڪنارن ۽ ٻين عوامي هنڌن کي قبضاگيرين ۽ غيرقانوني تبديلين کان محفوظ رکڻ لازمي آهي.

You might also like