لنڊن(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (اِي سي بي) رانديگرن لاءِ شراب پيئڻ بابت سخت نوان پروٽوڪول جاري ڪري ڇڏيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اي سي بي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر نون ضابطن تي صحيون ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي بين اسٽوڪس سان لاڳاپيل واقعي کانپوءِ تيار ڪيا ويا آهن.
نئين پروٽوڪول تحت رانديگرن تي ميچ کانپوءِ ٻئي ڏينهن به شراب پيئڻ تي پابندي هوندي، جڏهن ته مڊنائيٽ ڪرفيو به برقرار رکيو ويو آهي.
رپورٽ موجب، رات 10هين وڳي کانپوءِ هوٽل کان ٻاهر وڃڻ جي صورت ۾ رانديگرن کي لازمي طور ٽيم مئنيجمينٽ يا سيڪيورٽي کي آگاهه ڪرڻو پوندو.
رپورٽ موجب، رانديگر نشي جي حالت ۾ عوامي هنڌن تي نظر نه ايندا، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي شراب سان لاڳاپيل ڪنهن به سرگرمي يا تصوير شيئر ڪرڻ تي به پابندي هوندي.
ان کانسواءِ رانديگر يا ٽيم هوٽل جي پبلڪ ايرياز ۾ به شراب نه پي سگهندا سگهندا.
واضح رهي ته تازو بين اسٽوڪس ۽ گس اٽڪنسن سان لاڳاپيل هڪ بار واري واقعي تي سخت تنقيد ٿي هئي، جڏهن ته گذريل نومبر ۾ هيري بروڪ به شراب جي نشي ۾ جهيڙي سبب خبرن ۾ رهيو هو.
You might also like