ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٿئي ٿو، مونکي سڀ کان آسان حل بااختيار مقامي حڪومتن جو قيام لڳي ٿو، اهو گهڻو حد تائين مسئلو حل ڪري ڇڏيندو ۽ ڪنهن کي ان مان نقصان به نه ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته مان نئون صوبو بڻائڻ جو شديد مخالف آهيان، هن شهر جي آبادي پهريان صحيح نموني ڳڻي وٺو، هي پهريون قدم آهي، ان کانپوءِ ان کي صحيح مالي فنڊ ڏيو،هن چيو ته اوهان سڀ ڪراچي جي ‘ريڊ لائن’ جا متاثر هوندا، مان ريڊ لائن ڪمپني جو پهريون ڊائريڪٽر آهيان پر مون عهدو ڇڏي ڏنو،هن چيو ته مان اهو سمجهان ٿو ته اڄ ريڊ لائن جي جيڪا حالت آهي، هيءَ اسان جي بدقسمتي آهي ته جنهن طريقي سان هي ڪم ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته اسان صرف ان تي مرثيا ئي پڙهي سگهون ٿا. جيڪا مونکي ان جي تعميرات جو معيار نظر اچي رهي آهي، جيڪا ڪم جي رفتار نظر اچي رهي آهي، مون کي افسوس ٿيندو آهي. هن چيو ته مان اسٽيبلشمينٽ کي چوان ٿو ته فوري طورريڊ لائن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺن، هن چيو ته هي ريڊ لائن، گرين لائن، لاهور جي ايم آر ٽي، بي آر ٽي هي سڀ ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جا طريقا آهن. دنيا جي ڪنهن به شهر ۾ هاڻي هي ايم آر ٽي، بي آر ٽي زمين جي مٿان ناهي ٿيندي. اوهان کي دهلي جيان انڊر گرائونڊ بڻائڻو پوندو، ڪلڪتي وانگر بڻائڻو پوندو. ۽ هن چيو ته گرين لائن جي توسيع ٿي رهي آهي پر لائيٽ هائوس کان وٺي گرو مندر تائين، هڪ به مزدور ڪم نه ڪري رهيو آهي،اها شيءِ ته اسان روز ڏسون ٿا.هن چيو ته ڪنهن به وزيراعظم ڪراچي جي مالڪي ناهي ڪئي،جيڪڏهن اوهان اهو چئي رهيا آهيو ته هي مسئلو صوبائي حڪومت جي نالائقي جي ڪري آهي ته پوءِ اوهان سمجهو ته هڪ لابي جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهيو،شهر جو 40 سيڪڙو حصو ڇانوڻي وارن علائقن ۾ اچي ٿو،