اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه سردار اختر جان مينگل پنهنجي وفد سميت جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي۔ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي حالت تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔جي يو آءِ جي ترجمان اسلم غوري موجب، ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو۔ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته امن امان جي موجوده صورتحال ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۽ قوم جي مستقبل لاءِ حوصلو افزا ناهي۔ملاقات دوران ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته موجوده هائبرڊ نظام سبب ملڪ جي معيشت ۽ امن امان ٻنهي کي سخت نقصان پهتو آهي۔