پيرجوڳوٺ (رپورٽ:وسيم سنڌي ) پيرجوڳوٺ ڀرسان جي ڪچي واري فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ۾ ناريجا برادري جي ٻن ڌرين وچم سڱاوتي معاملي تان جهيڙو فائرنگ پي پٽ ٻن عورتن سيمت 5 ڄڻا قتل ، علائقو جنهن جو ميدان بڻجي ويو ،سخت خوف حراس ڪينگري جي ڪچي واري علائقي فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڪوٽ مير محمد جي ناريجا برادري جي ٻن ڌرين انور ناريجو ۽ فتح محمد ناريجو واري ڌرين وچ ۾ سڱاوتي معاملي تان جهيڙي دوران فائرنگ شروع ٿي وئي جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب فتح محمد ناريجو ۽ سندس پٽ راجه ناريجو قتل ٿي ويا جنهن بعد سندس ڌرين ماڻهن هٿيار کڻي پلاند ۾ انور ناريجو واري ڌر جي گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سهراب ناريجو، مسمات ناريجو رابعا زال نديم احمد ناريجو قتل ٿي ويا، جڏهن ته ٻن ورهين جو معصوم راجه پٽ نديم احمد ناريجو ، عيدن خان ناريجو ۽ قادر بخش ناريجو سخت زخمي ٿي پيا. فيض محمد ٻنڊو پوليس پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال پيرجوڳوٺ پهچايا،جتان زخمين کي علاج لاء سول اسپتال خيرپور اماڻيو ويو. لاش تعلقه اسپتال پيرجوڳوٺ مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا .