واشنگٽن/تهران(ع آ نيوز) ايراني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران آمريڪي فوج ملڪ جي 5 صوبن کي نشانو بڻايو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا شهيد ۽ 78 زخمي ٿي پيا آهن. صحت واري وزارت جي ترجمان حسين ڪرمانپور موجب، زخمين مان 47 ڄڻا هن وقت به اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.هن وڌيڪ چيو ته ان کانسواءِ ڪجهه زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ اسپتالن مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي. ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڊرون حملن سان بحرين، ڪويت ۽ قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏن ۽ اسٽريٽجڪ مرڪزن کي نشانو بڻايو آهي. ايراني فوج موجب، هن آپريشن ۾ وڏي تعداد ۾ مختلف قسمن جا ڊرون استعمال ڪيا ويا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملن ڪويت ۾ پيٽرياٽ ميزائل سسٽم، قطر ۾ ابتدائي وارننگ سيٽلائيٽ اينٽينا سائيٽ ۽ بحرين ۾ آمريڪي فوج پاران استعمال ٿيندڙ ٻارڻ جي ڊپو کي نشانو بڻايو. ايراني فوج وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوجون ڪنهن به حالت ۾ آمريڪي صدر کي سندس بيوقوف مقصدن کي حاصل ڪرڻ نه ڏينديون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران تي حملا ايران پاران جهازن تي حملي جي جواب ۾ هئا. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اهڙو حملو ٻيهر ڪيو ويو ته نتيجا تمام خراب هوندا. ٽرمپ اڳ ۾ ايران تي وڌيڪ حملي جي ڌمڪي ڏني هئي، پر ايران سان مڪمل پيماني تي جنگ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو هو. ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران جي خارگ ٻيٽ تي به قبضو ڪري سگهي ٿو. تازن آمريڪي حملن ۾ اتر ايران ۾ ريلوي پُل کي نقصان پهتو آهي جنهن جون تصديقي وڊيوز ۽ تصويرون به سامهون اچي ويون آهن. ايراني ميڊيا طرفان جاري ڪيل وڊيوز ۽ تصويرن مان اتر ايران جي شهر آق قلعه ۾ موجود هڪ ريلوي پُل کي پهتل نقصان جي تصديق ٿي وئي آهي.