تهران (ع آ نيوز ) شهيد آيت الله علي خامنه اي جي تدفين سان گڏ ئي ايران ۽ پاڙيسري ملڪ عراق جي پنجن شهرن ۾ جاري ست ڏينهن وارو سرڪاري سوڳ واريون تقريبون پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويون، ستن ڏينهن تائين جاري رهندڙ جنازي ۽ تعزيتي تقريبون مذهبي ۽ سياسي علامتن سان ڀرپور رهيون. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سوڳ جي آخري ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي انگ ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. مقامي ميڊيا موجب، هن ڀيري جلوس ايران جي مقدس ترين شهر مشهد ۾ قائم امام رضا عليهه السلام جي روضي ڏانهن وڌيو، جيڪو سونهري گنبذ جي ڪري مشهور آهي ۽ اِها شهيد آيت الله خامنه اي جي جنم ڀومي پڻ آهي. تقريبن ۾ شامل سندس حامين ۽ مذهبي پوئلڳن کي هٿن ۾ ايراني جهنڊا، تصويرون ۽ پلاند جي مطالبي وارا پلي ڪارڊ کنيل هئا.