فارڪس ٽريڊنگ ۽ حوالا هُنڊي ڪيس، بحريا ٽائون جي وائيس چيف ڪرنل خليل سوڌو ٽن جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ رياض جي اداري بحريا ٽائون جي وائيس چيف ايگزيڪيوٽو ڪرنل خليل سميت ٽن جوابدارن کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
بحريا ٽائون سان لاڳاپيل ڪيس ۾ عدالت وائيس چيف ايگزيڪيوٽو ڪرنل خليل سميت ٽن جوابدارن کي هڪ، هڪ سال قيد ۽ پنج، پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.
ايڊيشنل سيشن جج ويسٽ جي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ بحريا ٽائون جي وائيس چيف ايگزيڪيوٽو ڪرنل خليل، حوالا ايجنٽ عمران ڪاڪا ۽ پراپرٽي ڊيلر مشتاق احمد کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي.
ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي جي اينٽي مني لانڊرنگ سرڪل اسلام آباد جي گڏيل جاچ ٽيم ڪئي هئي.
اختيارين موجب، هي فيصلو غير قانوني فاريڪس ٽريڊنگ، حوالا هِنڊي ۽ ان سان لاڳاپيل ملڪيتن جي ڏيتي ليتيءَ خلاف جاري ڪارروائي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.