صلاحڪار جي قتل کانپوءِ ام رباب چانڊيو پنهنجي حياتي به خطري ۾ قرار ڏئي ڇڏي، وڊيو بيان جاري

ميهڙ (ويب ڊيسڪ)ام رباب چانڊيو پنهنجي خاندان جي ٽن ڀاتين جي قتل واري ڪيس ۾ پنهنجي صلاحڪار رياض چانڊيو جي قتل واري واقعي تي وڊيو بيان جاري ڪيو آهي.
ام رباب چانڊيو پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته ٽن ڀاتين جي قتل واري ڪيس ۾ سندس صلاحڪار رياض چانڊيو کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي سندس پنهنجي جان کي به سخت خطرو آهي.
ام رباب الزام لڳايو ته جوابدارن مرتضيٰ چانڊيو، سڪندر چانڊيو ۽ ٻين حملو ڪري رياض چانڊيو کي قتل ڪيو آهي.
هن سنڌ پوليس جي ڪردار تي سوال اٿاريندي چيو ته”واقعي جو ذميوار ڪير آهي؟ سنڌ پوليس جو ناڪاري ۽ ڪمداري وارو رويو سمجهه کان ٻاهر آهي.“
ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته هو انصاف لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا، پر هن وقت کيس پنهنجي جان کي به سنگين خطرو لاحق آهي.
هن آءِ جي سنڌ ۽ آرمي چيف کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو ترت نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like