ڪي پي جي وڏي وزير تڪراري بل واپس وٺي ڇڏيو

پشاور(عوامي آواز نيوز)خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي صوبي جي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي پارليامينٽيرينز جي مراعتن بابت بل تي ميڊيا ۽ عوام طرفان ٿيندڙ تنقيد جو نوٽيس  ورتو ۽ بل تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻ سان گڏ عوامي راءِ کي اوليت ڏيڻ جي هدايت جاري ڪئي.هن چيو ته ڪابينا مان منظور ٿيل پارليامينٽيرينز پروليجز بل جو مسودو جڏهن صوبائي اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويو ته اتي ان ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون ويون، جن تي گذريل ٻن کان ٽن ڏينهن کان ميڊيا ۾ مسلسل تنقيد ٿي رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته بل جي انهن سڀني شقن جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي، جن تي خيبرپختونخوا جي عوام کي اعتراض آهي، ۽ جن معاملن تي صحافي برادري اعتراض اٿاري رهي آهي، انهن تي به لازمي طور ٻيهر غور ڪيو وڃي.وڏي وزير چيو ته هن اسپيڪر اسيمبلي کي هدايت ڪئي آهي ته سڀني پارلياماني اڳواڻن سان گڏجي عوام ۽ صحافي برادري جي خدشن تي نظرثاني ڪئي وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته بل ۾ ڪيل ترميمن تي ٻيهر غور ڪيو ويندو.

 

You might also like