انقرا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ڪيل معاهدي جي حوالي سان چيو آهي ته ”منهنجي خيال ۾ ايران سان ايم او يو ختم ٿي چڪو آهي“.
ترڪي جي گاديءَ واري شهر انقرا ۾ نيٽو سربراهه سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ٽرمپ چيو ته گرين لينڊ ۽ ايران واري معاملي تي نيٽو مان خوش ناهيان.
ٽرمپ چيو ته ايرانين سان ڊيل نٿو ڪرڻ چاهيان، ايران سان جنگ بندي به ختم ٿي وئي آهي، جيڪڏهن ايران وٽ ايٽمي هٿيار هجن ها ته هو اهي استعمال ڪن ها، مان ايران سان پنهنجو وقت وڃائڻ نٿو چاهيان.
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته اسان گذريل رات انهن (ايران) تي سخت حملو ڪيو، کين ٻڌائي ڇڏيو هو ته جڏهن به حملو ڪندئو ته اسان به حملو ڪنداسين، اسان جو مقصد ايران کي ايٽمي صلاحيت کان محروم ڪرڻ آهي، اسان ايران کي غير ايٽمي بڻائي ڇڏينداسين، هو سٺا ماڻهو ناهن، هو مون سميت سڀني کي نشانو بڻائين ٿا.
آمريڪي صدر ايران واري معاملي کي ڪينسر سان ڀيٽيندي چيو ته اسان کي ان ڪينسر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو، توهان ڄاڻو ٿا نه ته ڪينسر سان ڇا ڪيو ويندو آهي؟ ڪينسر کي شروعات ۾ ئي ڪپي ڪڍيو ويندو آهي، ايران لاءِ منهنجي اها ئي راءِ آهي.