ايم ڪيو ايم وزارتون ڇڏي حڪومت کان ڌار ٿئي، احتجاج سان ڪجهه نه ٿيندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم واقعي سنڌ جي عوام جي مسئلن جي حل ۾ سنجيده آهي ته وفاقي وزارتون ڇڏي حڪومت کان ڌار ٿي وڃي، رڳو احتجاج ڪرڻ سان ڪجهه ڪونه ورندو.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ هن وقت پاڻي، بجلي ۽ گئس جي سخت بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي.
هن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ رڳو ڪي اليڪٽرڪ تائين محدود ناهي، پر حيسڪو ۽ سيپڪو جي علائقن ۾ پڻ جاري آهي، تنهن ڪري عوام جي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم گذريل ڪجهه عرصي کان ٻيهر احتجاج واري سياست ڏانهن وڌي رهي آهي، پر رڳو سياسي بيانن سان مسئلا حل نه ٿيندا” ايم ڪيو ايم همت ڪري، ڪجهه ڪري ڏيکاري.“
فاروق ستار جي بيان تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته کيس پاڻ به خبر آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ سندس ڪيتري اهميت آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم همت جو مظاهرو ڪندي فوري طور وفاقي وزارتن کان ڌار ٿي وڃي.
سڌ سماءُ واري وزير چيو ته صوبائي حڪومت گڏيل پاليسي تحت عوام کي ٽرانسپورٽ سبسڊي فراهم ڪئي، جڏهن ته ٽرانسپورٽرن کي ڀاڙا وڌائڻ کان سختي سان روڪيو ويو.
هن واضح ڪيو ته هن وقت حڪومت طرفان ٽرانسپورٽ شعبي کي وڌيڪ سبسڊي نه پئي ڏني وڃي.
بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي ۾ مبينا گهوٻين بابت سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پاڻ ان معاملي ۾ فريادي آهي.
هن ٻڌايو ته قانون جي ابتڙ اڳواٽ ادائيگي ٿيڻ جي نشاندهي تي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته محنت واري وزير طرفان پنهنجي کاتي ۾ گهوٻين جي نشاندهي کانپوءِ به فوري ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن ته حڪومت جو واضح موقف آهي ته جنهن به اداري ۾ قانون جي ابتڙ اڳواٽ ادائيگي يا ڪرپشن سامهون ايندي، ان جي ذميوارن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like