ڪراچي (رپورٽ: راجا سنديلو) لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پي پي ايڇ آءِ جي صحت مرڪزن ۾ انتظامي انڌير نگري چوٽ چڙهي وئي آهي، جتي ڪروڙين رپين جي سالياني بجيٽ باوجود اڪثر مرڪز دوائن ۽ بنيادي طبي سهولتن جي سخت اڻهوند جو شڪار آهن، جنهن سبب بي پهچ عوام معياري علاج لاءِ دربدر ٿيڻ تي مجبور آهي. تفصيل موجب لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ قائم پي پي ايڇ آءِ مرڪزن ۾ هر مهيني جي 15 تاريخ گذرڻ کانپوءِ دوائن جي کوٽ پيدا ٿيڻ هڪ معمول بڻجي ويو آهي. خاص ڪري تعلقي ڏوڪري جي صحت مرڪز ۾ مهيني جي شروعات کان ئي دوائون غائب ٿي وڃن ٿيون، جنھن سبب ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود غريب عوام صحت جي معياري سھولتن کان محروم آھي. ۽ غريب مريض پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تان ڳري قيمت تي دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته تعلقي باقراڻي جو مرڪز محدود گنجائش واري تنگ عمارت ۾ هجڻ ڪري مريضن کي گهربل سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام نظر پيو اچي جنهن جو ٽينڊر جاري ٿيڻ جي باوجود نئين عمارت جو تعميراتي ڪم اڃا تائين شروع ناهي ٿي سگهيو.هوڏانهن اختيارين جي لاپرواهي بابت سنگين انڪشاف پڻ ٿيا آهن ته باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ يڪي سنديلي ۾ سالن کان قائم ڊسپينسري مڪمل طور غير فعال بڻيل آهي، جنهن جي عمارت جي ٻه ڀيرا سرڪاري خرچ تي مرمت ته ڪرائي وئي پر اتي ڪو به ڊاڪٽر يا طبي عملو مقرر ٿيڻ باوجود ڊيوٽي تي ناهي پهتو. سياسي مداخلت سبب من پسندي جي بنياد تي نوازيل ڊاڪٽر، ميل نرسز، ڪلارڪ ۽ چوڪيدار گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، جڏهن ته ڊسپينسري لاءِ ايندڙ سرڪاري دوائون مبينا ملي ڀڳت ذريعي پرائيويٽ سينٽرن تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. انتظاميا پاران ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪرڻ ۽ رڪارڊ درست رکڻ لاءِ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ۽ مقامي بااثر سياسي ماڻهن جي سرپرستي ۾ هڪ ڊاڪٽر کي ويجهي ڳوٺ جي وٽنري اسپتال جي هڪ ڪمري ۾ ويهاري مريضن جي جعلي او پي ڊي هلائي وڃي ٿي.
مقامي ڳوٺاڻن پاران ڊي ايڇ او کي ڌر بڻائيندي عدالت ۾ پٽيشن داخل، ڪيس هلندڙ
ان سڄي معاملي تي مقامي ڳوٺاڻن پاران ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو کي ڌر بڻائيندي معزز عدالت ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي وئي آهي جنهن جون ٻڌڻيون هلي رهيون آهن پر اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو سامهون ناهي آيو. ان حوالي سان به انڪشاف ٿيو آهي ته صحت کاتي پاران ايڏي وڏي بجيٽ خرچ ڪندي ٺاهيل ڊسپينسري جي عمارت واري زمين جو ڪو به ايگريمينٽ يا لک پڙهه ناهي ڪئي وئي نه ئي صحت کاتي وٽ ڪو زمين جي مالڪي جو دستاويز ئي موجود آهي، جنهن مان پڻ ضلعي اختيارين جي لاپرواهي بابت سوال اٿن ٿا ۽ سياسي مداخلت جو اثر ڏسجي ٿو.
سي اي او جاويد جاگيراڻي مائٽ پروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ الزام
ٻئي پاسي، سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران پي پي ايڇ آءِ جي سي اي او جاويد جاگيراڻي تي مائٽ پروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ جا سنگين الزام لڳايا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سي اي او جو تعلق لاڙڪاڻي سان هجڻ ڪري ضلعي جي اڪثر صحت مرڪزن جو انتظامي ۽ طبي ڪاروبار هڪ ئي ذات جي ڊاڪٽرن ۽ من پسند عملي جي حوالي ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ ويڪسينيٽرن ۽ ٻين پوسٽن تي ٿيندڙ تازين ڀرتين ۾ پڻ وڏي غير شفافيت جا انڪشاف ٿيا آهن، جتي ٽيسٽ پاس ڪندڙ قابل، پڙهيل لکيل ۽ غريب نوجوانن کي انٽرويو لاءِ به ناهي گهرايو ويو ۽ ٻئي پاسي 40 کان پڻ گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي مبينا طور لکين رپيا رشوت عيوض مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن سبب بيروزگار نوجوانن ۾ سخت مايوسي پکڙجي وئي آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڳوٺ حڪيم سنديلو، يڪو سنديلو، ٻڍو واهڻ، محرابپور، کوکر، بخش جتوئي ۽ ٻين ڀرپاسي جي ڳوٺن جي رهواسين سميت سماجي اڳواڻن سنڌ حڪومت، صحت کاتي ۽ ٻين جاچ ادارن جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته لاڙڪاڻي جي پي پي ايڇ آءِ مرڪزن ۾ هلندڙ هن مبينا ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ جي فوري طور تي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي، دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائي غريب عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون هنگامي بنيادن تي ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ رهواسين پاران سخت احتجاج جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.