دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) هفتيوار رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.
ٽيسٽ بيٽرن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته سريلنڪا جو ڪمينڊو مينڊس ٻه درجا ترقي ماڻي ڇهين نمبر تي پهچي ويو آهي.
ٽاپ ٽين ٽيسٽ بيٽرن جي فهرست ۾ پاڪستان جو ڪو به بيٽر شامل ناهي.
ٻئي پاسي ويسٽ انڊيز جو جسٽن گريوز 14 درجا ترقي ڪري 49هين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته شاءِ هوپ 6 درجا اڳتي وڌي 51هين پوزيشن تي پهچي ويو آهي.
ٽيسٽ رينڪنگ ۾ هيڊ جو پهريون نمبر، ڪو به پاڪستاني بيٽر ٽاپ ٽين ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو
You might also like