سنڌ سرڪار جو وڏو فيصلو، ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن تعليمي بورڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي معيار جو امتحاني نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهوءَ سان ايشيائي ترقياتي بئن( اَي ڊِي بِي) جي نمائندن ملاقات ڪئي، جنهن دوران اي مارڪنگ، ڊجيٽلائيزيشن ۽ اداري جي صلاحيت وڌائڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو.
ان موقعي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته روايتي امتحاني نظام بدران اي مارڪنگ جو نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته منصوبي جي منظوري لاءِ تجويزون سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪيون وينديون.
هن چيو ته آءِ ٽي جا ماهر عملي کي خاص تربيت فراهم ڪندا، جڏهن ته منصوبي تحت اسڪينرز، ڪٽنگ مشينون، سرورز ۽ ٻيا جديد اوزار فراهم ڪيا ويندا.
ان کانسواءِ ڪراچي انٽرميڊيئيٽ بورڊ جي چيئرمين فقير محمد لاکو کي منصوبي جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like