طرز حڪمراني بهتر ٿي نه معيشت ۾ سڌارو آيو،ڪرپشن برقرار، اسٽيبلشمينٽ ناراض؟

لاهور(مبشر لقمان)پاڪستان جي سياست ان وقت هڪ اهڙي نازڪ موڙ تي پهچي چڪي آهي جتي هر گذرندڙ ڪلاڪ سان افواهه دم توڙي رهيا آهن ۽ نوان افواهه جنم وٺي رهيا آهن،  اسلام آباد جي  اقتدار ي لنگهن کان وٺي راولپنڊي جي اهم آفيسن تائين هڪ ئي سوال گونجي رهيو آهي ته  ڇا موجوده حڪومت وڃڻ واري آهي؟ سڀ کان پهرين سهيل وڙائچ ان تي ڪالم لکيو، پوءِ نجم سيٺي ڳالهه ڪئي، پوءِ نصرت جاويد جي ٽوئيٽ آئي ۽ ڪافي ٻيا صحافي به ان تي ڳالهائيندا رهيا آهن. ڪجهه  اهم شيون ٿيون آهن جنهن جي ڪري ماڻهو سمجهن ٿا ته حڪومت خطري ۾ آهي. پنج وڏا اشاراصاف ٻڌائي رهيا آهن ته حڪومت جا پير اکڙي چڪا آهن يا اکڙجي رهيا آهن، سياست ۾ ڪا به تبديلي رات وچ ۾ ناهي ٿيندي، پهرين ڳالهه اها طئي ڪريو ته هڪ رات ۾ حڪومت ناهي ويندي ۽ هڪ رات ۾ حڪومت ناهي ايندي. ان جي پٺيان ڪجهه واضح اشارا هوندا آهن، جيڪي هن وقت پاڪستان جي سياسي آسمان تي بلڪل واضح آهن. سڀ کان پهريون وڏو اشارو جيڪو آهي، اهو اتحادي جماعتن جو سخت رويو ۽ الٽيميٽم آهن، ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪمزوري ان جو بيساکين تي قائم هجڻ آهي. جڏهن اوهان صنعتي ۽ سياسي ڳڙهه ڪراچي جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم پاڪستان يا پيپلز پارٽي جي بيانن کي ڏسندا ته واضح نظر اچي ٿو ته اتحاد جي اندر گهرا ڏار پئجي چڪا آهن. ايم ڪيو ايم جي طرفان وفاقي ڪابينا کان الڳ ٿيڻ جون ڌمڪيون ۽ گورننس جي معاملن تي سخت تحفظات اهو ظاهر ڪن ٿا ته هاڻي سوديبازي جي گنجائش ختم ٿي چڪي آهي ٻيو وڏو اشارو عوام جو رستن تي اچڻ ۽ سول نافرماني جون تحريڪون آهن، جيئن اسان ڏسي رهيا آهيون ته پهرين گلگت بلتستان ۾ ۽ ٻين هنڌن تي ٿيون، هاڻي اهو ڪيترن ئي حصن تائين پکڙجي به چڪو آهي. ته عوامي بيچيني جڏهن عوام اٽي، کنڊ ۽ بجلي جي بلن تي رستن تي نڪري ٿو ۽ يعني غير سياسي ڌڙا جيڪي آهن اهي به سامهون بيهڻ شروع ٿي وڃن ته اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حڪومت جو انتظامي ڪنٽرول ختم ٿي رهيو آهي. جڏهن گورننس صرف انٽرنيٽ بند ڪرڻ ۽ سڪيورٽي ڪريڪ ڊائون تائين محدود ٿي وڃي ته سمجهي وٺو ته حڪومت پنهنجي اخلاقي ۽ قانوني اٿارٽي وڃائي چڪي آهي.ٽيون وڏو اشارو اسٽيبلشمينٽ جي غير جانبداري جي خبر آهي. پاڪستان جي سياسي تاريخ گواهه آهي ته هتي حڪومتون تڏهن تائين هلنديون آهن جڏهن تائين راولپنڊي ۽ اسلام آباد هڪ پيج تي هجن. موجوده هائبرڊ ماڊل ۾ جڏهن مقتدر حلقن جي طرفان اهو پيغام اچڻ شروع ٿي وڃي ته اسان سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪنداسين يا سياسي جماعتن کي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ گهرجن، ته اهو اصل ۾ موجوده سيٽ اپ تان هٿ کڻڻ جو پهريون وڏو اشارو هوندو آهي. موجوده سڪيورٽي چئلينجز ۽ علائقائي تڪرارن جي ڪري اسٽيبلشمينٽ به هاڻي اوهان سمجهو ته اهڙي حڪومت جيڪا ڊليور ڪرڻ ۾ تيار ئي نظر نٿي اچي، ڇا ان جو بار کڻڻ لاءِ تيار آهي؟چوٿون اشارو جيڪو آهي، اهو متبادل قيادت لاءِ پردي پٺيان رابطا آهن، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سياسي حلقن ۽ سفارتي برادري ۾ اهي ڳالهيون تيز ٿي چڪيون آهن ته متبادل آپشنز تي غور شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن جيل ۾ بند قيادت يا ٻين اپوزيشن اڳواڻن سان بيڪ چينل ڊپلوميسي ۽ ڳالهين جون خبرون ميڊيا جي زينت بڻجڻ لڳن ته اهو ان ڳالهه جو هڪ وڏو واضح اشارو آهي ته موجوده مهرن کي شايد تبديل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.۽ پنجون اشارو تمام اهم آهي ته معاشي واڌ جو مڪمل ڄمي وڃڻ آهي، جتي آءِ ايم ايف جي سخت ترين شرطن، ٽيڪسن جي نفاذ ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ بي پناهه اضافو ڪرڻ جي باوجود معيشت ۾ استحڪام ئي نه اچي، ته مارڪيٽ جو حڪومت تي اعتماد ٻُڙي ٿي ويندو آهي.معاشي سڌارن جي نالي تي اشرافيه کي نوازڻ ان حڪومت جي سڀ کان وڏي سياسي غلطي آهي. جيڪي ڊليور نه ڪري سگهيا، اوهان انهن کي ميرٽ جا سرٽيفڪيٽ ڏئي رهيا آهيو، گورننس جو فقدان هائبرڊ ماڊل جي ناڪامي آهي. موجوده هائبرڊ سيٽ اپ پاڪستان جي گورننس جي ماڊل کي شايد سمجهيو ئي ناهي، جنهن جي طاقت جا مرڪز هاڻي ورهائجي چڪا آهن ۽ عوام کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته فيصلا وزيراعظم هائوس ۾ ٿي رهيا آهن يا ڪٿي ٻئي هنڌ. جڏهن ڪو ادارو پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم نه ڪري ته گورننس جو نظام مفلوج ٿي ويندو آهي ۽ موجوده بيوروڪريسي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري ٿي.ان معاشي ۽ انتظامي ناڪامي سان گڏ ٽيون سبب امن امان جي خراب صورتحال آهي، دهشتگردي جو اڀار آهي. پاڪستان اندروني ۽ بيروني سڪيورٽي چئلينجز جي وڪڙ ۾ آهي، جتي ڪالعدم تنظيمن جي ڪاررواين ۾ تيزي، بلوچستان ۾ وڌندڙ عسڪريت پسندي ۽ ڪي پي ڪي  ۾ سڪيورٽي فورسز تي حملن ملڪي استحڪام کي يعني اوهان سمجهو پريشان ڪيو آهي. سڪيورٽي معاملن تي سيويلين حڪومت جي گرفت ڪمزور ناهي پر آهي ئي ڪونه. ۽ جڏهن رياست شهرين جي جان و مال جو تحفظ نه ڪري سگهي ته ان جي پنهنجي بقا جو جواز ختم ٿي ويندو آهي.چوٿون سبب سياسي انتقام ۽ اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ آهي. غير آئيني قدم،ميڊيا تي سينسرشپ، گرفتاريون حڪومت کي اخلاقي طور تي اڪيلو ڪري رهيون آهن.پنجون سبب اهو آهي ته گهڻا  وفاقي وزير آهن، انهن جو پتو ئي نٿو پوي ته اهي رپورٽ ڪنهن کي ڪن ٿا، انهن جي ڪم جو ڪنهن خبر ناهي.

راولپنڊي ناراض، اسلام آباد پريشان! وفاقي ڪابينا ۾ وڏي ڦيرڦارجون تياريون، ٻه وزير نشاني تي؟

لاهور/اسلام آباد(سجاد انور) ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته راولپنڊي وارا اسلام آباد وارن کان ڪافي ناراض آهن. ڪالهه ڪور ڪمانڊر ميٽنگ به ٿي آهي جتي ڪافي ڪجهه بحث هيٺ آيو ۽ ٻيو ته طاقتور ترين شخصيت  چيو آهي ته  گورننس جو ڍانچو بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ان ڪري حڪومت ۾، ڪابينا ۾ ڪافي وڏي پيماني تي تبديلين جو امڪان آهي. رضا ڊار واري معاملي تي به اسٽيبلشمينٽ پنجاب حڪومت کان ناراض آهي، اسحاق ڊار کان ناراض آهي، حڪومت کي  ڪجهه عرصي کان جيڪي نيون شڪايتون پيدا ٿي رهيون آهن، انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. خاص طور تي هن وقت ٻه وفاقي وزير سخت نشاني تي آهن. هڪ ته اسحاق ڊار صاحب جو معاملو آهي جيڪو تمام گهڻو نمايان ٿي چڪو آهي.برطانوي اخبار  "ڊيلي ميل” به ڪالهه اها اسٽوري ڪري ڇڏي ان کان اڳ سي اين اين خبر هلائي هئي، جرمني ۽ ٻين ملڪن جا ميڊيا هائوسز به ان اسٽوري کي وائکو ڪري رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ اهو سمجهي ٿي ته ايران-آمريڪا جنگ ۾ ۽ ان کان اڳ جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون هيون ان ۾ ڪجهه داغ لڳي ويا آهن. ٻئي پاسي ريلوي جي وزير حنيف عباسي تي تمام سخت الزام لڳي رهيا آهن ۽ هو سڀني جي نظرن ۾ اچي چڪوآهي هن تي سڀ کان وڏو الزام اهو آهي ته هو پنهنجي وزارت تي ايترو ڏيان نه پيو ڏئي،وفاقي وزير پاران ريلوي کي 100 ارب جي منافعي جي دعويٰ کي ماڻهو غلط بياني ڪوٺي رهيا آهن، راولپنڊي ۾  رنگ روڊ جي ڪرپشن معاملي ۾ به سندس نالو ورتو پيو وڃي. جڏهن ته اها خبر اچي رهي آهي ته هن پنهنجي پٽ جي نالي سان ڪانسٽيٽيوشنل ايوينيو ون ۾ هڪ هوٽل منظور ڪرائي ورتو هو ۽ ان کي رنگ روغن  ڪري رهيا هئا ”مٿان“ کان دٻاءُ اچڻ کانپوءِ  سي ڊي اي   هاڻي ان هوٽل کي رد ڪرڻ واري آهي، جڏهن ته  حنيف عباسي جي جاءِ تي  بلال اظهر ڪياني کي وزارت ڏيڻ جي ڳالهه هلي رهي آهي، ٻئي پاسي معيشت ۾ استحڪام نه اچڻ تي  مسلم ليگ ن جا ايم اين ايز آهن، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب هٽائڻ لاءِ پريشر وارو ماحول ٺاهي رهيا آهن،سندن چوڻ آهي ته هاڻي تيل جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، باقي شيون ٺيڪ ٿي رهيون آهن، ته فائدو عوام وٽ پهچڻ گهرجي پر ناڻي وارو وفاقي وزير  اڃا تائين آءِ ايم ايف جي معاهدي تي سختي سان عمل پيرا آهي، جڏهن ته هن جي جاءِ تي پهرين  اسحاق ڊار  جو نالو هلي رهيو هو، جيڪو هاڻي سندس ڏوهٽي جي اسڪينڊل جي ڪري پس منظر  ۾ هليو ويو. ان کان علاوه به وزيراعظم ڪجهه وزيرن کي گهرائي چئي چڪو آهي ته اوهان جي ڪارڪردگي ٺيڪ ناهي، اهڙن وزيرن  کي به هٽائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. خواجا آصف کي  به هڪ موقعي تي چيو ويو هو ته "هاڻي اوهان آرام ڪريو”، جڏهن ته خواجه آصف جي ويجهي مائٽياڻي وفاقي وزير تي به آءِ ٽي جي ادارن مان فائدا وٺڻ جا الزام لڳي رهيا آهن، ٻئي پاسي راولپنڊي ۾رنگ روڊ واري معاملي ۾  ڪرپشن جو پڙاڏو آهي

راولپنڊي ۾ طاقتور آفيسر هٽائڻ جو سبب وڏي پئماني تي ڪرپشن آهي؟

لاهور(مبشر لقمان)راولپنڊي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان ۾ صرف هڪ ڪلاڪ اندر تقريباً سموري اعليٰ انتظاميا تبديل ڪئي وئي. سي سي پي او، ڊي سي، ڊي پي او، ڪمشنر، اي ڊي سي آر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻيا ڪيترائي عملدار هٽايا ويا. سوال اهو آهي ته پنجاب حڪومت کي اڌ رات جو اوچتو اهڙو ڪهڙو خيال آيو؟ذريعن موجب اتي ڪنهن وڏي ڪرپشن اسڪينڊل جا چئوٻول آهن، جنهن جا تفصيل ايندڙ ڏينهن ۾ سامهون اچي سگهن ٿا. لڳي ٿو ته ڪا وڏي بدعنواني ظاهر ٿي آهي. راولپنڊي پاڪستان جي انهن شهرن مان آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ هائوسنگ سوسائٽيون ٺهي رهيون آهن، ۽ انهن مان ڪيترين بابت اڳ به سوال اٿندا رهيا آهن.جيڪي آفيسر تبديل ڪيا ويا، اهي ڪيترن سالن کان ساڳين عهدن تي مقرر هئا ۽ طاقتور حلقن جي ويجهو سمجهيا ويندا هئا. جيڪڏهن انهن کي به هڪدم هٽايو ويو آهي ته لڳي ٿو معاملو ايترو سنگين آهي، جو هاڻي سندن دفاع ڪرڻ به ممڪن نه رهيو. انهن کي نه رڳو عهدن تان هٽايو ويو، پر نئين مقرري به نه ڏني وئي، جنهن مان لڳي ٿو ته ڪا جاچ هلي رهي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون.صحافي مزمل سهروردي جو چوڻ آهي ته  جيڪڏهن ڪو چوي ته اسحاق ڊار ويندو ته ان جو مطلب نواز شريف جو وڃڻ هوندو هن وقت نه مريم نواز، نه شهباز شريف ۽ نه ئي اسحاق ڊار جي وڃڻ جا ڪي واضح آثار نظر اچي رهيا آهن. محسن نقوي جي وزيراعظم بڻجڻ واري سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن ڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ته شايد عبوري وزيراعظم بڻجي سگهي، پر ان لاءِ به آئيني طريقيڪار موجود آهي. مستقل وزيراعظم بڻجڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو ميمبر هجڻ ضروري آهي.

You might also like