پرتگال کي اسپين هٿان شڪست،رونالڊو جو ورلڊ ڪپ کٽڻ جو خواب اڻپورو رهجي ويو!

ڊلاس (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ جي رائونڊ آف 16 ۾ اسپين هٿان پرتگال کي 1-0 تان شڪست ملي، جنهن سان فٽبال جي تاريخ جي عظيم ترين رانديگرن مان هڪ ڪرسٽيانو رونالڊو جو عالمي ڪپ جو سفر بنا ڪنهن وڏي اعزاز جي پڄاڻي تي پهچي ويو.
ميچ جو واحد ۽ فيصلائتو گول اسپين جي ميڪل ميرينو انجري ٽائيم ۾ ڪيو، جنهن سان اسپين ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته رونالڊو جو ورلڊ ڪپ کٽڻ جو خواب هميشه لاءِ اڌورو رهجي ويو.
41 ورهين جي رونالڊو اڳ ئي اعلان ڪري چڪو هو ته هي سندس ڪيريئر جو آخري ورلڊ ڪپ هوندو.
شڪست کانپوءِ هو جذباتي انداز ۾ ميدان ڇڏي ويو، جنهن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
رونالڊو پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران پنج بيلن ڊي اور، پنج يوئيفا چيمپيئنز ليگ جا ٽائيٽل ۽ پرتگال کي 2016ع ۾ يورپي چيمپيئن بڻائڻ جهڙا اعزاز حاصل ڪيا.
هن ڪلب ۽ قومي ٽيم لاءِ مجموعي طور 976 گول ڪيا ۽ ڇهن مختلف ورلڊ ڪپن ۾ گول ڪندڙ دنيا جو واحد فٽبالر بڻيو، پر ورلڊ ڪپ ٽرافي سندس هٿ نه اچي سگهي.
ميچ کانپوءِ قومي ٽيم جي مستقبل بابت سوال تي رونالڊو چيو ته هو پهرين پنهنجي ڪٽنب سان وقت گذاريندو، پوءِ سڪون سان ويهي مستقبل بابت فيصلو ڪندو.
ٻئي پاسي پرتگال جي هيڊ ڪوچ روبرٽو مارٽينيز پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندي رونالڊو کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ کيس فٽبال جو عظيم آئڪن قرار ڏنو.
رونالڊو جي ڪارڪردگي ۽ هر ميچ ۾ کيس کيڏائڻ بابت ماهرن ۽ اڳوڻن رانديگرن وچ ۾ نئين بحث به ڇڙي وئي آهي.
ڪيترن تجزئي نگارن جو خيال آهي ته پرتگال وٽ نوجوان ۽ باصلاحيت رانديگر موجود هئا، جن کي وڌيڪ موقعا ڏيڻ گهرجن ها.

 

You might also like