آمريڪي بحري ٻيڙو ابراهم لنڪن عربي سمنڊ ۾ داخل

تهران (ويب ڊيسڪ)ايراني ميڊيا موجب سيٽلائيٽ تصويرن مان معلوم ٿيو آهي ته آمريڪي بحري ٻيڙو يو ايس ايس ابراهم لنڪن عمان جي سمنڊ مان نڪري عربي سمنڊ ۾ داخل ٿي ويو آهي.

تصويرن جي تجزيي موجب گذريل ٻن هفتن دوران هي جهازبردار جهاز عماني سمنڊ مان منتقل ٿي عربي سمنڊ ۾ پهتو آهي.

رپورٽن موجب 22 جون ۽ 5 جولاءِ تي ورتل تصويرن جي ڀيٽ مان خبر پئي آهي ته جهاز، جيڪو اڳ ايران جي بندرگاهه چابهار کان لڳ ڀڳ 140 ڪلوميٽر پري هو، هاڻي ڏکڻ طرف تقريباً 207 ڪلوميٽر منتقل ٿي چڪو آهي.

آمريڪي اختيارين طرفان اهڙي چرپر بابت اڃا تائين ڪو سرڪاري بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.

You might also like