ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سماجي ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ارباب ڀيل جي آئيني پٽيشن تي ٻڌڻي ڪندي آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته ارباب ڀيل خلاف صوبي اندر داخل ٿيل سمورن ڪيسن ۽ ايف آءِ آرز جي تفصيلي رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس چوڌري عدنان اقبال ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آئيني پٽيشن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ درخواستگذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو دليل پيش ڪيا.
عدالت درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي جوابدار ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو ۽ آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته ارباب ڀيل خلاف سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ داخل ٿيل سمورين ايف آءِ آرز ۽ ڪيسن جا مڪمل تفصيل عدالت ۾ جمع ڪراياوڃن.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ارباب ڀيل خلاف عدالت جي اجازت کانسواءِ نيون ايف آءِ آرز داخل نه ڪيون وڃن، جڏهن ته ايس ايس پي يا ڊي ايس پي کان گهٽ نه هئڻ واري سينيئر آفيسر جي سربراهي ۾ شفاف جاچ ٽيم پڻ جوڙي وڃي.
درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ارباب ڀيل هڪ سماجي ڪارڪن آهي، جيڪو انساني حقن ۽ ناانصافين خلاف آواز اٿاريندو رهيو آهي، جنهن سبب کيس مبينا طور مختلف ادارن جي هٿان هراسان ڪيو ويو.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڳوڻن ڪيسن ۾ بري ٿيڻ باوجود کيس آزادي واري ڏينهن ٻيهر هڪ نئين ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو، جنهن بابت به عدالت کان تحفظ جي استدعا ڪئي وئي آهي.