قطر آبناءِ هرمز ۾ آئل ٽينڪر تي حملي جو ذميوار ايران کي قرار ڏئي ڇڏيو

دوحا(ويب ڊيسڪ)قطر آبناءِ هرمز مان گذرندڙ ال رڪايات آئل ٽينڪر تي حملي جي سخت مذمت ڪندي ان جو ذميوار ايران کي قرار ڏنو آهي.

قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ٽينڪر کي نشانو بڻائڻ عالمي سامونڊي اچ وڃ، عالمي توانائي جي فراهمي ۽ علائقائي سلامتي خلاف جارحيت آهي.

هن چيو ته هي حملو عالمي قانون، خاص طور تي عالمي آبي رستن ۾ آزاد ۽ محفوظ سامونڊي اچ وڃ بابت قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.

ماجد الانصاري ايران کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور اهڙا سڀ قدم بند ڪري جيڪي علائقائي سلامتي، عالمي سامونڊي اچ وڃ ۽ عالمي توانائي جي فراهمي لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته قطر هن حملي ۽ ان سان ٿيل نقصانن جي مڪمل ذميواري ايران تي لاڳو ڪري ٿو.

You might also like