ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ميزبان ۽ اداڪارا فضا علي انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ اُس ۾ گاڏي هلائڻ کان پاسو ڪندي آهي، ڇاڪاڻ ته اُس سندس اکين جو رنگ بدلجندو رهندو آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ شرڪت دوران فضا علي چيو ته سوشل ميڊيا تي سندس وڊيوز ۽ تصويرون ڪجهه ماڻهن کي پسند اينديون آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن لاءِ اهي قبول ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.
پروگرام دوران ميزبان جڏهن سندس مڙس کان پڇيو ته ڇا فضا علي سٺي نموني گاڏي هلائيندي آهي؟ ته هن کلندي جواب ڏنو ته ”ڪڏهن ڪڏهن گاڏي هلائيندي هلائيندي سُمهي به پوندي آهي“، جنهن تي اسٽوڊيو ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
ان تي فضا علي وضاحت ڪندي چيو ته ٿوڙو مسئلو آهي ۽ اِهو مسئلو اُس بابت آهي.
سندس چوڻ هو ته ”منهنجي اکين جو رنگ سانڊي وانگر بدلجندو رهندو آهي، اُس ۾ منهنجون اکيون ڪڏهن نيريون، ڪڏهن ڦڪيون، ڪڏهن سائيون ته ڪڏهن ڪاريون نظر اچن ٿيون، تنهنڪري مان اُس ۾ گاڏي هلائڻ کان پاسو ڪندي آهيان.“