ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته ملڪ جو ناڻو ۽ سياسي طاقت پنجاب حوالي ڪرڻ ٻين صوبن سان وڏي زيادتي آهي.
ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ برادرين ۽ مذهب جي بنياد تي نفرت پيدا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌين، پٺاڻن، پنجابين ۽ بلوچن کي هڪ ٻئي سان وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ته جيئن وسيلا آسانيءَ سان پنجاب تي خرچ ڪري سگهجن.
جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو وڌيڪ چيو ته پريا ڪماريءَ واري معاملي ۾ سنڌ حڪومت پاڻ ذميوار آهي ۽ هن ڪيس ۾ اثرائتا قدم نه کنيا ويا آهن، جنهن ڪري عوام ۾ سخت بيچيني آهي.
هن اعلان ڪيو ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ذريعي سٺن ۽ باصلاحيت ماڻهن کي گڏ ڪري سياسي ميدان ۾ آندو پيو وڃي ته جيئن عوام جي صحيح نمائندگي ٿي سگهي.