ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سکر جي علائقي صالح پٽ مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي.
آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل نئين جي آءِ ٽي ۾ ڊي آءِ جي سکر کي جاچ ڪميٽيءَ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي سکر، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور ڪميٽيءَ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ ڪميٽيءَ ۾ حساس ادارن جي نمائندن کي به شامل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي پريا ۽ ٻين ٻارن جي بازيابيءَ لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو به جاري آهي.