ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنيئير صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته لاهور ۾ پرڏيهي عورت سان زيادتي واري واقعي جي هر فرد مذمت ڪئي آهي ۽ پنجاب حڪومت ان معاملي ۾ ڪارروائي ڪئي آهي، جڏهن ته هر شخص پنهنجي عمل جو پاڻ ذميوار هوندو آهي.
ڪراچي ۾ سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، زراعت واري وزير محمد بخش مهر، خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان ۽ فشريز واري وزير محمد علي ملڪاڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينا ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته خوراڪ واري کاتي کي مڪمل طور تي ڊجيٽل بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت چئني صوبن جي صلاح مشوري سان ڪڻڪ جي هڪجهڙي قومي پاليسي بڻائڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت ان تي پنهنجا خدشا وفاق آڏو رکندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ڪابينا نيون شوگر ملز قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيوته اسپيشل ٻارن جي ڀلائي لاءِ وفاق به سنڌ حڪومت سان معاهدو ڪيو آهي، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو فلاءِ اوور هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
شرجيل ميمڻ اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت سنڌ فشريز سيڪيورٽي جي نالي سان هڪ نئون ادارو قائم ڪري رهي آهي، جيڪو ماهيگيري واري شعبي جي نگراني ۽ بهتري ۾ ڪردار ادا ڪندو.
خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته خوراڪ واري کاتي جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته چئني صوبن ڪڻڪ جو امدادي اگهه 3 هزار 500 رپيا في 40 ڪلوگرام مقرر ڪيو هو، پر امدادي اگهه گهٽ هجڻ سبب خريداري متاثر ٿي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي بمپر پيداوار ٿي آهي، پر هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي، جنهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته اٽي جي قيمتن کي به ضابطي ۾ رکيو ويندو.
زراعت واري وزير محمد بخش مهر چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي جي کوٽ زراعت لاءِ وڏا چئلينجز آهن، تنهنڪري ڊرپ ايريگيشن متعارف ڪرائي ويندي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي جو زيان تمام گهڻو آهي ۽ ان حوالي سان عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته سنڌ جا 93 سيڪڙو هاري ننڍا آبادگار آهن، جن لاءِ حڪومت سپورٽ پرائس، سبسڊي ۽ هاري ڪارڊ جهڙا قدم کنيا آهن، جڏهن ته هاري ڪارڊ جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.
فشريز واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته بنا لائسنس ماهيگيري خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان شعبي جي بهتري لاءِ نئون ادارو قائم ڪيو پيو وڃي، جيڪو ان شعبي سان لاڳاپيل سمورن معاملن جي نگراني ڪندو.
صحافين جي سوالن جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ پرڏيهي عورت سان مبينا زيادتي واري واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته هر شخص ان جي مذمت ڪئي آهي ۽ پنجاب حڪومت ان معاملي ۾ ڪارروائي ڪئي آهي.
هن چيو ته هر شخص پنهنجي عمل جو پاڻ ذميوار هوندو آهي.
ايم ڪيو ايم بابت ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن پارٽي کي سنڌ ۾ پاڻي، گيس ۽ بجلي جهڙن مسئلن تي خدشا آهن ته احتجاج بدران حڪومت ڇڏڻ گهرجي. هن انهن بيانن کي سياسي حربو قرار ڏنو.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ واري شعبي ۾ ڇهون نمبر مليو آهي.
هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي هڪ ڪامياب منصوبو قرار ڏيندي چيو ته ان ذريعي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي مدد ڪئي پئي وڃي.
هن اهو به واضح ڪيو ته جنهن به سرڪاري کاتي ۾ ايڊوانس ادائيگين ۾ گهوٻيون سامهون آيون، حڪومت ان خلاف ڪارروائي ڪندي، جڏهن ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان مهانگائي تي به هاڪاري اثر پوندو.
”هر ماڻهو پنهنجي عمل جو پاڻ ذميوار آهي“ لاهور ۾ پرڏيهي عورت جي لڄالٽ واري واقعي تي شرجيل ميمڻ جو ردعمل
You might also like