”گڏهن تي ڪتاب سٿڻ سان هو اڪابر ناهن بڻجي ويندا“وسيم اڪرم جو موت جون ڪوڙيون خبرون ڦهلائيندڙن کي جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ”سوئنگ جي سلطان“ وسيم اڪرم پنهنجي موت بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڪوڙين خبرن ۽ افواهن تي دلچسپ ۽ طنزيه انداز ۾ ردعمل ڏنو آهي.
وسيم اڪرم انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي چيو ته ”اميد ته توهان سڀ خوش هوندئو، گذريل ڪجهه ڏينهن کان منهنجي موت بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙيون پيون وڃن. جيڪڏهن اڄ جي جديد دور ۾ به ماڻهن کي جعلي خبرن جي سڃاڻپ نٿي اچي ته پوءِ اسان 60 ورهين جا بابا ڇا ٿا ڪري سگهون؟“
هن طنز ڪندي چيو ته ” جن ماڻهن مون کي پيغام موڪلي پڇيو ته ڇا توهان جيئرا آهيو، انهن کي 21 توپن جي سلامي! نه، مان مرڻ کانپوءِ هي وڊيو ٺاهي رهيو آهيان.“
وسيم اڪرم وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن سندس موت بابت جعلي وڊيوز تيار ڪيون، انهن تمام گهڻي محنت ڪئي هوندي.
هن چيو ته جيڪڏهن اهو ئي دماغ ڪنهن سٺي ڪم ۾ لڳائين ها ته وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهن پيا.
هن هڪ پنجابي چوڻي ورجائيندي چيو ته ”گڏهن تي ڪتاب سٿڻ سان اُهو عالم ناهي بڻجي ويندو، ڇو ته علم لاءِ پڙهڻو پوندو آهي ۽ نقل لاءِ به عقل گهربل هوندي آهي.“
ٻئي پاسي سندس گهرواري شنيئرا اڪرم به هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ وسيم اڪرم جم ۾ ورزش ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
هن لکيو ته هي وڊيو سوشل ميڊيا تي پکڙيل جعلي خبرن ۽ اَي آءِ ذريعي تيار ڪيل وڊيوز جي جواب ۾ شيئر ڪئي وئي آهي.
.

 

You might also like