ملڪ ۾ سون اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري، اڄ سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن به نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب،اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 2 هزار 500 سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 34 هزار 936 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 2 هزار 143 رپيا لاٿ بعد 3 لک 72 هزار 887 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن به في تولو سون 2 هزار 400 رپيا سستو ٿي هو.

You might also like