انقرا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو جي 2026ع جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪي جي گاديءَ واري شهر انقرا پهچي ويو، جتي ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان سندس آجيان ڪئي.
ترڪي جي صدارتي محل ۾ ٽرمپ جي اعزاز ۾ سرڪاري آجياڻي جي تقريب ڪوٺائي ويندي، جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻه طرفي گفتگو ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ملاقاتن دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
واضح رهي ته نيٽو جو ٻن ڏينهن وارو 2026ع جو سربراهي اجلاس اڄ انقرا ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ 32 رڪن ملڪن جي سربراهن ۽ ڪيترن ئي شريڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪندا.
ترڪ ميڊيا موجب، اجلاس دوران دفاعي خرچن ۾ واڌ، يوڪرين لاءِ ڊگهي مدي واري سهڪار ۽ نيٽو جي دفاعي صنعتي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وارا معاملا ايجنڊا ۾ شامل آهن.
نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي چيو آهي ته يورپي ملڪ اجلاس ذريعي اهو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا ته هو دفاعي خرچن ۾ واڌ بابت پنهنجن واعدن تي عمل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اجلاس دوران ڪيترن ئي اهم دفاعي معاهدن جو اعلان پڻ متوقع آهي.