دمشق (ويب ڊيسڪ) شام جي راڄڌاني دمشق ۾ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دوري دوران ٿيل ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 4 پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڌماڪا ان هوٽل جي ويجهو ٿيا، جتي صدر ايمانوئل ميڪرون سول سوسائٽي جي نمائندن سان ملاقات ڪري رهيو هو.
رپورٽن موجب، پهريون ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن ميڪرون جو قافلو هوٽل مان صدارتي محل ڏانهن روانو ٿيو، جڏهن ته ٻيو ڌماڪو هڪ ايمبولينس جي ويجهو ٿيو، جتي لڳ ڀڳ ٻه درجن ماڻهو موجود هئا.
ڌماڪن کانپوءِ ويجهن دڪانن ڀرسان باهه جا اُلا ۽ ڪارو دونهون ڏٺو ويو، جڏهن ته شامي سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو ۽ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي.
ٻئي پاسي فرانسيسي صدارتي آفيس موجب، ڌماڪن جو آواز ميڪرون جي قافلي تائين نه پهتو ۽ نه ئي ساڻس گڏ موجود صحافين ڪنهن هنگامي صورتحال جو مشاهدو ڪيو.
صدارتي آفيس موجب، صدر ايمانوئل ميڪرون پنهنجي طئي ٿيل مصروفيتن کي معمول موجب جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڪرون پڻ پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته”منهنجو شام جو دورو جاري آهي.“
You might also like