ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياري، ڪلاڪوٽ ۾ ٽن معصوم ٻارڙين سان مبينا زيادتي جو ڀوائتو معاملو سامهون آيو آهي.
پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه موجب، گذريل رات 7 سال، 5 سال ۽ اڍائي سالن جي ٽن ٻارڙين کي طبي معائني لاءِ اسپتال آندو ويو.
ڊاڪٽر سميه جو چوڻ آهي ته ٻارڙين جي ميڊيڪل جاچ ڪئي وئي آهي، جنهن جي حتمي رپورٽ 2 کان 3 ڏينهن اندر جاري ڪئي ويندي.
پوليس موجب، ٻارڙين جي ماءُ پنهنجي مڙس تي مبينا زيادتي جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻارڙين جي والد کي جاچ لاءِ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي ۽ قانوني ڪارروائي جو دارومدار ميڊيڪل رپورٽ ۽ ٻين شاهدين تي هوندو.