لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن عدالت زال تي تشدد واري ڪيس ۾ يوٽيوبر علي حيدرآبادي جي 14 جولاءِ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
ايڊيشنل سيشن جج علي حيدرآبادي کي 14 جولاءِ تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل، لاهور بار جي اڳوڻي صدر رانا انتظار عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي، پر کيس پوليس طرفان گرفتاري جو خدشو آهي، ان ڪري عدالت کيس عبوري ضمانت ڏئي.
عدالت رانا انتظار جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اها درخواست منظور ڪري ورتي.