چين ۾ سامونڊي طوفان ”ميساڪ“ جي تباهي، فوتين جو انگ 15 ٿي ويو، ڪيئي گم

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ سامونڊي طوفان ”ميساڪ“ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 15 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 9 ڄڻا اڃا تائين گم آهن.
چيني اختيارين موجب، ملڪ جي ڏکڻ اولهه وارن علائقن مان 62 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب، ناننگ واري علائقي ۾ هڪ ڊيم جي ڀت ٽٽڻ سبب ڀرپاسي واريون آباديون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن.
ٻئي پاسي چيني موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، صوبي گوانگ شي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.
صدر شي جن پنگ شهرين جون جانيون بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

 

You might also like