حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته جنگشاهي ۾ عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي جي ورسي جي جلسي عام واري گرائونڊ جي قبضي ٿيل حصي تان قبضو ختم ڪرائڻ، پينافلڪس ڦاڙيندڙ قبضاگيرن جي گرفتاري لاءِ اڄ 7 جولاءِ تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان مڪلي کان ٺٽي تائين پرامن احتجاجي مارچ ڪيو ويندو، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ساڳئي ڏينهن مڪلي ڪورٽ ۾ سي آر پي سي 145 تحت داخل ڪيس جي ٻڌڻي پڻ ٿيندي.هنن مطالبو ڪيو ته غير قانوني قبضو ڪندڙن ۽ پليجي صاحب جي تصويرن وارا پينافليڪس ڦاڙيندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري، قبضي هيٺ آيل سمورو حصو آزاد ڪرايو وڃي.