بنگالين کان 142 رنسون به نه ٺهيون، زمبابوي پهرين ون ڊي 25 رنسن تان کٽي ورتي

هراري (ويب ڊيسڪ) زمبابوي پهرين ون ڊي ۾ بنگلاديش کي 25 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، زمبابوي پهريان بيٽنگ ڪندي 36.4 اوورن ۾ 141 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
زمبابوي طرفان نيومن نيامهوري 33 ۽ رچرڊ انگاراوا 27 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
بنگلاديشي فاسٽ بالر ناهيد رانا شاندار بالنگ ڪندي 10 اوورن ۾ رڳو 21 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته تسڪين احمد 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
زمبابوي142 رنسن جي هدف جي پٺيان ۾ بنگلاديش جي بيٽنگ مڪمل طور ناڪام رهي ۽ سڄي ٽيم 33.1 اوورن ۾ 116 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
بنگلاديش طرفان نورالحسن 31 ۽ توحيد هرودئي 25 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٻيو ڪو به بيٽر نمايان ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو.
زمبابوي جي رچرڊ انگاراوا ۽ بريڊ ايوانز 3، 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته بليسنگ مُزاراباني 2 ۽ نيومن نيامهوري 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي تي نيومن نيامهوري کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، هن 33 رنسون ٺاهڻ سان گڏ 2 وڪيٽون ورتيون ۽ ٻه ڪيچ پڻ پڪڙيا.

You might also like