گلگت (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌو درياءَ جو دفاع ڪنداسين ۽ جيڪڏهن جنگ وڙهڻي پئي ته ان لاءِ به تيار آهيون.
ڀارتي حڪومت کي واضح پيغام ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نريندر مودي ٻڌي وٺ، اسان سنڌو طاس معاهدي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين.
هن ڀارتي وزيراعظم کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته نريندر مودي تنهنجي سازش ڇا آهي، تون افغانستان جي ذريعي ڇا ڪرڻ چاهين ٿو.
هن چيو ته ڀارت کي جنگ جي ميدان تي مليل شڪست هضم نه پئي ٿئي ۽ هاڻي هو ايران وانگر هتي به ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ايراني شهرين کي اسرائيلي فوج کي شڪست ڏيڻ تي سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته ايراني شهرين اسرائيلي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.
هن پنهنجي خطاب ۾ عزم جو اظهار ڪيو ته مخالفن جي هر سازش ناڪام ٿيندي ۽ اهي ڪامياب ٿيندا.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورائتو آهي جنهن اسان جو مينڊيٽ تسليم ڪيو.
گلگت بلتستان ۾ وڏي وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت بلتستان جي مسلم ليگ جي نمائندن اسان جي حمايت ڪئي، اسان گڏجي هن خطي جي ترقي لاءِ ڪم ڪنداسين.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت بلتستان جو عوام اڄ به ذوالفقار علي ڀٽو کي ياد ڪري ٿو، گلگت بلتستان جي عوام ڊوگرا راڄ کان آزادي حاصل ڪئي، مان هن خطي جي عوام جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.
هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي آئيني حق ڏيارينداسين، مان اهو ڏينهن ڏسڻ چاهيان ٿو جڏهن هتان جا نمائندا مون سان گڏ قومي اسيمبليءَ ۾ هوندا. پيپلز پارٽي ملڪيت جي حق جو جيڪو واعدو ڪيو آهي، ان تي عمل ڪيو ويندو، توهان کي محسوس نه ٿيڻ ڏينداسين ته اسان حڪومتي ۽ توهان اپوزيشن بينچن تي آهيو.
پ پ چيئرمين چيو ته هتي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي فارمنگ ڪري سگهجي ٿي.
هن چيو ته وفاق ۾ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، هي توهان جي پنهنجي زمين آهي، توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هن زمين جو ڇا ڪرڻو آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته اها اسان جي ذميواري آهي ته اهڙو معاشي ماحول جوڙيون جو هتان جي ماڻهن کي روزگار ملي، سڀ کان وڌيڪ قابليت (ميريٽ) هتي گلگت بلتستان ۾ موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سياست جهيڙي ۽ دشمني جو ٻيو نالو آهي، پر جي بي ۾ حڪومت کٽندڙ ۽ هاريندڙ ٻنهي جي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن پارٽي کي فرق محسوس نه ٿيڻ ڏينداسين، سڀ گلگت بلتستان جا آهن. سياري کان اڳ اسان گلگت بلتستان ۾ مڪاني چونڊون ڪرائينداسين.