شهيد آيت الله علي خامنه اي جا قاتل انجام کان بچي نه سگهندا: ايراني آرمي چيف

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني آرمي چيف ميجر جنرل امير حاتمي چيو آهي ته ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي بخش نه ڪيو ويندو ۽ اهي پنهنجي انجام کان بچي نه سگهندا.

هن چيو ته شهيد سپريم ليڊر عزت، آزادي ۽ قومي وقار جو رستو مقرر ڪيو، جنهن تي ايران جون هٿياربند فوجون پوري ثابت قدمي سان هلنديون رهنديون.

جنرل امير حاتمي وڌيڪ چيو ته ايران جون هٿياربند فوجون سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبيٰ خامنه اي جي قيادت ۾ بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجا فرض نڀائينديون رهنديون.

You might also like