پرتگالي فٽ بال ٽيم جي ڪپتان ڪرسٽيانو رونالڊو مٿس تنقيد ڪندڙن کي سخت جواب ڏيندي چيو آهي ته گذريل 23 سالن کان مونکي تنقيد جو نشانو بڻائي منهنجو ڪيريئر ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر اها ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي، ڪو به مون کي ختم نه ٿو ڪري سگهي.
41 ورهين جي رونالڊو اسپين خلاف ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ۾ اعتراف ڪيو ته مان هاڻي اڳ جهڙو نه رهيو آهيان، ان باوجود به مان اڃا تائين ٽيم لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان.
هن چيو ته موجودا ٽورنامينٽ دوران مان 3 گول ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجي ذميواري ايمانداريءَ سان نڀائي رهيو آهيان.
فٽبالر واضح ڪيو ته بين الاقوامي فٽ بال تان رٽائرمينٽ جو فيصلو مان پاڻ ڪندس، ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي اهو فيصلو نه ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته مسلسل تنقيد مونکي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي ۽ مان ان تي ٿورائتو آهيان.
رونالڊو چيو ته ورلڊ ڪپ کٽڻ يا نه کٽڻ سان منهنجي شخصيت تبديل نه ٿيندي، ڇو ته مان پنهنجي ڪيريئر ۾ هميشه پنهنجي پوري صلاحيت سان کيڏيو آهي.
اسپين خلاف ميچ تي ڳالهائيندي هن چيو ته اهو مقابلو انتهائي سخت هوندو، جنهن لاءِ پرتگال کي اتساهه، محنت ۽ بهادريءَ سان ميدان ۾ لهڻو پوندو.