صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو ملڪن جي اجلاس ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو انقره ۾ ٿيندڙ نيٽو ملڪن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

وائيٽ هائوس موجب ٽرمپ اجلاس جي موقعي تي يوڪرين جي صدر سان پڻ ملاقات ڪندو.

صدر ٽرمپ شام جي صدر احمد الشرع سان به ملاقات ڪندو.

واضح رهي ته نيٽو ملڪن جو اجلاس 7 ۽ 8 جولاءِ تي انقره ۾ ٿي رهيو آهي.

You might also like