ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي شهر ۾ پوليو کان بچاءَ لاءِ 7 ڏينهن واري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
افتتاحي تقريب ٻارن جي بيمارين واري قومي اداري ۾ ڪوٺائي وئي.
صحت کاتي موجب مهم دوران 25 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
عملدارن ٻڌايو ته ڪراچي جي سڀني 201 يونين ڪائونسلن (يو سيز) ۾ خاص پوليو بچاءَ مهم هلائي ويندي.
صحت کاتي موجب پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي لاءِ 7 هزار 853 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.