راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام افغان طالبان جي جي تسلط هيٺ زمين تي ڀارتي پراڪسيز جي روڪٿام سان مشروط آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ دفاع جو مڪمل حق رکي ٿو، ڪور ڪمانڊرز فورم واضح پيغام ڏنو آهي ته جائز پاڻيءَ جي حصي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ کان قطعينه ڪيٻائينداسين
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدارت ۾ 276 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي.
فورم چيو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام افغان طالبان جي اتنظام هيٺ زمين تي ڀارتي پراڪسيز جي روڪٿام سان مشروط آهي. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ دفاع جو مڪمل حق رکي ٿو.
اجلاس دوران ڪشمير مسئلي بابت پاڪستان جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو عزم ورجايو ويو ۽ چيو ويو ته ڪشميرين کي سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن موجب سندن حقِ خوداراديت ڏنو وڃي.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌو طاس معاهدي بابت ڀارتي بيانن جو نوٽيس ورتو ۽ چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان جي خودمختاري ۽ قومي مفادن جو هر قيمت تي تحفظ يقيني بڻايو ويندو. شرڪت ڪندڙن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي 24 اپريل 2025 جي هدايت ان باري ۾ مڪمل رهنمائي فراهم ڪري ٿي، جائز پاڻيءَ جي حصي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ کان قطعي نه ڪيٻائينداسين.
فورم چيو ته حق واري مقابلي ۾ عبرتناڪ شڪست کانپوءِ دشمن چاهي ٿو ته ڪنهن طرح هائبرڊ وارفيئر ۽ ڪوڙن بيانن ذريعي بدامني پکيڙي، ٻاهرين مدد سان ڏڦيڙ پکيڙڻ واري هر اهڙي ڪوشش کي سختيءَ سان ڇيڀاٽيو ويندو.
ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دوران علائقائي استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فورم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي سخت مذمت ڪئي.
فورم والاريل ڪشمير ۾ هڪ طرفي آباديءَ جي تبديليءَ وارين پاليسين کي رد ڪندي ان جي مذمت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فورم چيو ته هٿياربند فوجون افغان طالبان جي قبضي هيٺ علائقن مان ٿيندڙ دهشتگردي جي خلاف انٽيليجنس بنياد تي ڪاروايون جاري رکنديون.
افغان سرزمين تان ڀارتي پراڪسيز جو خاتمو ئي خطي جي امن جو ضامن آهي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس
Prev Post
Next Post