ظالم وڏيرا شاھي نظام سنڌ ۾ ناسور بڻجي ويو آھي:ڪاشف شيخ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي  ته ظالم وڏيرا شاھي نظام سنڌ ۾ ھڪ ناسور جي  شڪل اختيار ڪري ويو آھي جڏھن ته  ھر جاءِ تي ويٺل سسٽم  ھر شعبي کي تباھي جي ڪنڌيءَ تي پھچائي ڇڏيو آھي.جيڪو سنڌ جي ترقيءَ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آھي. قرآن و سنت جو نظام ئي اسان جي مڙني مسئلن جو حل آھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن گڏاپ سٽي ۾ قائم جماعت اسلامي جي مرڪز ۾ ڪوٺايل ميمبرز ڪنوينشن کي صدارتي خطاب دوران ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته گڏاپ جي ٻھراڙيءَ وارين علائقن سميت سنڌي وسندين کي ڏسي نٿو لڳي ته ھي به ڪراچيءَ جو حصو آھن جيتوڻيڪ پيپلزپارٽيءَ گزريل 18سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪري پئي پر اڄ جي جديد دور ۾ پڻ ھتان جو عوام پاڻي تعليم ۽ صحت جي سھولتن ڪا محروم آھي بس ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ سڀ ڪجھ ٺيڪ ڏيکاريو پيو وڃي. گيس پيٽرول تيل ڪوئلي سميت قدرتي وسيلن باوجود سنڌ جو عوام غربت ۽ محرومين جي تصوير بڻيل آھي ھن چيو ته سنڌ ۾  45فيصد ٻار تعليم جي زيور کان محروم آھن. سسٽم جي حڪومت ۾ ڌاڙيل راڄ، منشيات عام، زراعت ۽ امن تباهه آھي.ڪراچي جيڪو روشنين جي شھر طور مشھور ھو قيادت جي نااھلي ۽ ڦرمار جي ڪري اتي انڌيرن جو راڄ توڙي روڊ رستا تباھ آھن. ملڪ جو وڏو شھر ۽ سنڌ جي گادي واري ھنڌ جو عوام به پاڻي بجلي ۽ گيس بحرانن جو شڪار آھي. جماعت اسلامي ان ظلم ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف جاکوڙي رھي آھي. ان کان اڳ ۾ حاڪو بروھي ڳوٺ جي معززن شعيب بروهي رمضان بروهي، ڳوٺ جماني جي عبداللہ خاصخيلي ۽ ڳوٺ حسن بلوچ مان عثمان بلوچ باقاعده جماعت اسلامي ۾ شموليت اختيار ڪئي. جن کي سنڌ جي امير جماعت جو جھنڊو پارائي ڀلي ڪار ڪيو. سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جو گڏاپ پھچڻ تي استقبال ۽ مقامي اڳواڻ سومارخان برفت سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو. ان موقعي تي عرفان احمد، ابوالخير ملڪ، مجاهد چنا ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ  ثناءَ الله بروھي،شفيع جوکيو،غلام رسول ڪاش پڻ موجود ھئا.

 

You might also like