5 جولاءِ جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي:بلاول

اسلام آباد(بيورو) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي جمهوري  تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن عوام جي مينڊيٽ، آئين ۽ پارلياماني جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو.بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريت اهو سمجهيو هو ته اها عوام جو آواز دٻائي ڇڏيندي، پر شهيد ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ بيشمار جمهوريت پسند ڪارڪنن جي قربانين ثابت ڪيو ته حق ۽ عوامي حڪمراني کي ڪڏهن به شڪست نٿي ڏئي سگهجي.هن چيو ته اڄ 49 سالن کان پوءِ به اسان جو عزم اهو ئي آهي ته آئين جي بالادستي جو هر قيمت تي دفاع ڪنداسين، ووٽ جي تقدس، پارلياماني جمهوريت ۽ عوام جي حڪمراني جي حق جو تحفظ ڪنداسين.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته شهيدن جي قربانين جو حقيقي خراج اهو ئي آهي ته نفرت ۽ آمريت جي هر پاڇي کي رد ڪندي هڪ متحد، جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير جاري رکي وڃي.

 

You might also like