پيٽرول ۽ ڊيزل سستو هجڻ باوجود ڪراچي سميت ملڪ ۾ هٿرادو مهانگائي برقرار

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) پيٽرول ۽ ڊيزل سستو هجڻ باوجود ڪراچي سميت ملڪ ۾ هٿرادو مهانگائي برقرار آهي، تيل اگهن ۾ گهٽتائي باوجود کاڌي پيتي جون شيون سستيون نه ٿيون، شهري پريشانين ۾ وٺجي ويا، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل رپورٽن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ بار بار گهٽتائي باوجود ڪراچي، لاهور ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ هٿرادو مهانگائي برقرار آهي، جڏهن ته روزمرهه استعمال جون شيون اڃا تائين مهانگيون وڪرو ٿي رهيون آهن، ڪراچي جي هول سيل ۽ پرچون مارڪيٽن ۾ به سرڪاري  سطح تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جا اثر نظر نه اچي سگهيا، ڀاڄين، ميون، گوشت، دالين، اٽي، کنڊ، گيهه، کير ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اگهه اڳ وانگر برقرار آهن، جڏهن ته ڪيترن علائقن ۾ دڪاندارن هٿرادو مهانگائي ذريعي مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ وصوليون جاري رکيون آهن، لاهور جي بازارن ۾ به کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ ڪا نمايان گهٽتائي نه اچي سگهي جنهن سبب عام ماڻهو مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل آهن، شهرين جو چوڻ آهي ته جڏهن پيٽرول جون قيمتون وڌنديون آهن ته واپاري هر شيءِ جا اگهه وڌائي ڇڏيندا آهن، پر جڏهن حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪري ٿي ته ساڳيون شيون سستيون ناهن ڪيون وينديون، شهرين حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا فائدا عام ماڻهن تائين پهچايا وڃن.

 

You might also like