وفاقي حڪومت تيل اگهن ۾ عوام کي ڪو فائدو نه ڏئي سگهي، معمولي گهٽتائي

اسلام آباد (بيورو)وفاقي حڪومت تيل جي اگهن ۾ لاڳيتو ٻيو هفتو عوام کي ڪو فائدو نه ڏئي سگهي، جڏهن ته ماهرن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ ٿيل اگهن تحت پاڪستان ۾ هن وقت 225 رپيا في ليٽر هجڻ گهرجي. وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ معمولي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. نئين نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ هڪ رپيو 97 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ هي تبديلي عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۽ درآمدي لاڳت ۾ آيل تبديلي کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي نئين قيمت 297.53 رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جا نوان اگهه 309.50 رپيا مقرر ٿي آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي به حڪومت تيل جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو.

 

You might also like