تهران (ويب ڊيسڪ) تهران ۾ ايران جي اڳوڻي رهبرِ اعليٰ شهيد آيت الله علي خامنه اي ۽ سندس گهرڀاتين جون آخري رسمون جاري آهن، جڏهن ته خامنه اي جي جنازي نماز آچر جي صبح ڇهين وڳي ادا ڪئي ويندي.
ايراني ميڊيا موجب، شهيد آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز آچر ڏينهن ادا ڪئي ويندي، پر اڃا تائين اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته نماز ڪير پڙهائيندو.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته عوام کي ڇنڇر (اڄ) 24 ڪلاڪن تائين خامنه اي کي آخري الوداع چوڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، جڏهن ته آچر تي خامنه اي ۽ سندس گهرڀاتين جي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ عوامي سطح تي الوداعي تقريبن جو سلسلو جاري رهندو.
ايراني ميڊيا طرفان جاري ڪيل بيان موجب، شهيد علي خامنه اي ۽ سندس گهرڀاتين لاءِ دعائي تقريب سڀاڻي صبح ڇهين وڳي تهران جي هڪ مسجد ۾ ٿيندي.
ياد رهي ته جنگ جي شروعات کانپوءِ مجتبيٰ خامنه اي عوامي سطح تي نظر نه آيو آهي، جڏهن ته سندس والد ۽ خاندان جا ڪيترائي ڀاتي 40 ڏينهن واري جنگ جي پهرئين ڏينهن شهيد ڪيا ويا هئا.
گذريل ڏينهن بين الاقوامي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري تقريب ٿي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي اڳواڻن ۽ وفدن شرڪت ڪئي.
لاڳاپيل اختيارين جي اعلانيل منصوبي موجب، آخري رسمن جون تقريبون مختلف مرحلن ۾ ستن ڏينهن تائين جاري رهنديون.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايران جي اڳوڻي رهبرِ اعليٰ جي عوامي الوداعي تقريب دوران شرڪت ڪندڙن ”آمريڪا مرده باد“ ۽ ”انتقام،انتقام“ جا نعرا هنيا.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ ايراني عملدار چيو ته اڳوڻي رهبرِ اعليٰ شهيد آيت الله علي خامنه اي جي تابوت جي اچڻ کان اڳ ئي تهران جي وڏي مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز گرينڊ مصليٰ ۾ هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا هئا.
ميڊيا رپورٽن موجب، الوداعي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ هئا.
واضح رهي ته ڳاڙهي رنگ کي عام طور پلاند وٺڻ واري مطالبي جي علامت سمجهيو ويندو آهي.
ٻئي پاسي ايران جي سرڪاري ٽي وي اعلان ڪيو آهي ته علي خامنه اي جي ڇهن ڏينهن وارين عوامي تقريبن جي شروعات ڇنڇر جي صبح کان ٿي چڪي آهي.
چار جولاءِ تي مقامي وقت موجب صبح 6 وڳي دروازا کوليا ويا، جيڪي پنج جولاءِ تي رات اٺين وڳي بند ڪيا ويندا.
مرڪزي جنازي نماز پنج جولاءِ جي صبح ادا ڪئي ويندي، خامنه اي کانسواءِ سندن نياڻي بشريٰ حسيني خامنه اي، ننهن زهرا حداد عادل (مجتبيٰ خامنه اي جي گهر واري)، ناٺي مصباح الهديٰ باقري ۽ ڏوهٽي زهرا محمدي جا تابوت به سوڳوارن جي سامهون رکيا ويا آهن.
ڇهه جولاءِ تي تهران ۾ جنازي جو جلوس نڪرندو، جيڪو مقامي وقت موجب صبح ڇهين وڳي شروع ٿيندو. انتظاميا راڄڌاني ۾ ان لاءِ کليل رستو مقرر ڪيو آهي.
اختيارين موجب، جنازي نماز ۾ امڪاني وڏي هجوم سبب ڪو هڪ روڊ ڪافي نه هوندو، جڏهن ته اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته تقريب شام تائين پڄاڻي تي پهچي ويندي.
ست جولاءِ تي قم ۾ جنازي ٿيندي، جيڪا ايران جي مذهبي مرڪز ۾ مقامي وقت موجب صبح پنجين وڳي شروع ٿيندي، جتي جمڪران مسجد اندر هڪ سينيئر عالم جنازي نماز جي امامت ڪندو.
اٺ جولاءِ تي نجف ۽ ڪربلا ۾ جنازي جا جلوس ڪڍيا ويندا. ان حوالي سان عراق ۾ ايران جي ثقافتي اتاشي غلام رضا اباذري ٻڌايو ته ميت ست جولاءِ جي شام نجف پهچندي.
هن چيو ته ميت جي ايران واپسي کان اڳ، اٺ جولاءِ تي نجف ۾ مقامي وقت موجب صبح ڇهين وڳي ۽ ڪربلا ۾ ٽين وڳي جنازي جا جلوس ڪڍيا ويندا.
نو جولاءِ تي علي خامنه اي جي تدفين مشهد ۾ قائم شيعن جي اٺين امام، امام رضا جي روضي تي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته علي خامنه اي پنهنجي زندگي ۾ رڳو ٻه ڀيرا، ست ۽ ارڙهن سالن جي عمر ۾ عراق ويو هو ۽ ان کانپوءِ ٻيهر نجف ۽ ڪربلا نه ويو.
اعلانيل پروگرام موجب، سندس ميت نجف ايئرپورٽ ذريعي عراق پهچائي ويندي، نجف ۽ ڪربلا ۾ تقريبن کانپوءِ آخري مرحلو مشهد ۾ ٿيندو، جتي علي خامنه اي کي امام رضا جي روضي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
منتظمين اعلان ڪيو آهي ته تدفين کانپوءِ چاليهه ڏينهن تائين مختلف صوبن ۾ مذهبي ميڙاڪا، دعائون ۽ عبادتون ٿينديون، جڏهن ته تدفين جي ورسي تائين وڌيڪ تقريبن ۽ ڪانفرنسن جو به بندوبست ڪيو ويندو.
تهران ۾ ڳاڙها جهنڊا ۽ پلاند جو مطالبو، شهيد آيت الله خامنه اي جي آخري رسمن ۾ سوڳوان جو سمنڊ اُٿلي پيو
You might also like