لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت گهٽ آمدني وارن ۽ بي گهر ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ”پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر“ پروگرام جو دائرو وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي.
پنجاب جي هائوسنگ واري وزير بلال ياسين جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاڻي نون گهرن جي اڏاوت سان گڏ زبول حال گهرن جي مرمت يا ڇت وجهڻ لاءِ به 5 کان 10 لک رپين تائين بنا وياج قرض ڏنا ويندا.
اجلاس ۾ سيڪريٽري هائوسنگ، بينڪ آف پنجاب جي صدر ۽ ڊي جي ڦاٽ شرڪت ڪئي، جن صوبائي وزير کي پروگرام جي هيل تائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته هن انقلابي اسڪيم تحت هيل تائين هڪ لک 70 هزار خاندانن کي بنا وياج جي قرض ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايندڙ مالي سال دوران وڌيڪ هڪ لک خاندانن کي گهرن جي اڏاوت ۽ مرمت لاءِ بنا وياج قرض ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
هن اسڪيم مان بنيادي طور گهٽ آمدني وارا، بي گهر ۽ ڪچن يا زبون حال گهرن ۾ رهندڙ حقدار خاندان لاڀ حاصل ڪندا.
صوبائي وزير بلال ياسين چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جي هدايت تي سڀئي قرض مڪمل طور بنا وياج، گهٽ لاڳت ۽ انتهائي شفاف طريقيڪار تحت ڏنا پيا وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته شهرين جي سهولت لاءِ 5 کان 10 لک رپين تائين جو قرض اي پورٽل ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان ماڻهن کي آفيسن جا چڪر ۽ ڊگهيون قطارون ختم ٿينديون ۽ هو گهر ويٺي آن لائن درخواست جمع ڪرائي سگهندا.