ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪريتي سينن چيو آهي ته فلمي صنعت ۾ اڄ به عورتن سان مرد اداڪارن جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ ڪيترن ئي معاملن ۾ اڻبرابري وارو رويو اختيار ڪيو ويندو آهي.
هڪ يوٽيوب چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪريتي سينن فلمي دنيا ۾ پيش آيل پنهنجن تجربن ۽ ڏکيائين بابت ڳالهايو.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪا اداڪارا پنهنجي ڪردار يا ڪنهن منظر بابت سوال ڪري ته کيس ڏکيو يا حد کان وڌيڪ سوال ڪندڙ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته ساڳئي عمل کي مرد اداڪار جي پيشيوراڻي سنجيدگي قرار ڏنو ويندو آهي.
ڪريتي سينن چيو ته فلمي سيٽن تي مرد اداڪارن کي ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ بهتر سهولتون ڏنيون وينديون آهن ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر به انهن کان وڌيڪ متاثر هوندا آهن، جڏهن ته عورتن کي اڪثر گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي.
هن چيو ته عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ مختلف معيار تي پرکيو ويندو آهي ۽ ڪيترن ئي موقعن تي مرد اداڪارن کي بهتر ڪمرا ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن.
اداڪارا موجب، اصل مسئلو سهولتن جو نه، پر عورتن کي گهٽ محسوس ڪرائڻ جو آهي.
هن چيو ته ماضي ۾ عورتن لاءِ مضبوط ڪردار گهٽ لکيا ويندا هئا، پر هاڻي ان حوالي سان ڪجهه بهتري آئي آهي.
واضح رهي ته ڪريتي سينن جي تازي فلم ”ڪاڪ ٽيل 2“ هئي، جنهن عالمي سطح تي 137 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪيو.
مرد اداڪارن کي سٺا ڪمرا ۽ سهولتون ملنديون آهن، عورتن کي ڪمتر محسوس ڪرايو وڃي ٿو: ڪريتي سينن
You might also like