ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ آءِ پي ايل فرنچائز پنجاب ڪنگز جي شريڪ مالڪ پريتي زنٽا پنهنجي سڃاڻپ جي غيرقانوني استعمال، هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ) سان تيار ڪيل ڊيپ فيڪ وڊيوز، تبديل ڪيل تصويرن ۽ ٻين ڊجيٽل مواد خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي بمبئي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.
پريتي زنٽا گوگل، ميٽا، ڊومين رجسٽرارز ۽ ٻين ڌرين خلاف داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس اجازت کانسواءِ سندس سڃاڻپ، تصويرون ۽ شڪل استعمال ڪري اي آءِ ذريعي تيار ڪيل ڊيپ فيڪ ۽ تبديل ٿيل مواد آن لائن شيئر ڪيو ويو، جنهن سان سندس ساک ۽ رازداري متاثر ٿي آهي.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران بمبئي هاءِ ڪورٽ گوگل ۽ ميٽا کي هدايت ڪئي ته اهي اهڙو اثرائتو نظام تيار ڪن، جنهن ذريعي غيرقانوني مواد جي صحيح سڃاڻپ ڪري ان کي هٽايو وڃي، جڏهن ته قانوني ۽ جائز مواد محفوظ رهي.
پريتي زنٽا جي وڪيل عدالت کان درخواست ڪئي ته سڀني ويب سائيٽن ۽ آن لائن پليٽ فارمن کي هدايت ڪئي وڃي ته نشاندهي ڪيل غيرقانوني مواد کي فوري طور هٽايو وڃي.
درخواست موجب، اهڙو مواد سندس شخصي، اخلاقي ۽ رازداري جي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
ٻئي پاسي گوگل ۽ ميٽا جي وڪيلن عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪمپنيون تبديل ڪيل يا فحش نوعيت واري مواد جا لنڪ هٽائڻ لاءِ تيار آهن، شرط اهو آهي ته پريتي زنٽا مخصوص يو آر ايل جي نشاندهي ڪري.
ان کانسواءِ ڪمپنين عدالت کان درخواست ڪئي ته اهڙو وسيع حڪم جاري نه ڪيو وڃي، جنهن تحت آن لائن پليٽ فارمن کي هر وقت هر مواد جي نگراني يا هٽائڻ جو پابند بڻايو وڃي.
ٻڌڻي دوران جسٽس ماڌو جمادار رمارڪس ڏنا ته عدالت جو هر حڪم اهڙي نموني جو هجڻ گهرجي، جنهن سان رڳو اعتراض جوڳو مواد هٽايو وڃي ۽ اصل، قانوني ۽ جائز آن لائن مواد متاثر نه ٿئي.
You might also like