ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي کي الڳ انتظامي يونٽ بڻائڻ جو مطالبو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ لاءِ هڪ الڳ انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.هن چيو ته 2022ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي بابت هڪ معاهدو ٿيو هو، جنهن کي بلاول ڀٽو قبول ڪيو ۽ ان تي صحيحون به ڪيون، پر ايم ڪيو ايم پاران بار بار ياد ڏيارڻ باوجود ان معاهدي تي عمل نه ڪيو ويو.فاروق ستار چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سان هي آخري معاهدو آهي. هن چيو ته ڪنهن به قسم جا اختيار نه گهريا ويا آهن، پر وزيراعظم کي گهرجي ته هو ان معاهدي تي عمل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ٻي صورت ۾ ايم ڪيو ايم احتجاج ڪندي.هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڦرلٽ ۽ بي ضابطگين جو بازار گرم آهي، هر ماڻهو  تڪليف ۽ اذيت ۾ مبتلا آهي، جڏهن ته شهرين کي سندن بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي،هن  چيو ته جيڪڏهن مقامي حڪومتن بابت مناسب قانون جوڙيو وڃي ها ته هي مسئلو حل ٿي سگهي ها. هن وڌيڪ چيو ته ڪوٽا سسٽم خلاف سندن جدوجهد جاري رهي آهي، ان کي آئين جو حصو بڻايو ويو، پر ڪوٽا سسٽم ۾ سندن 40 سيڪڙو حصو به نٿو ملي، جڏهن ته جعلي ڊوميسائلن ذريعي سندن حصي جون نوڪريون ٻين کي ڏنيون ويون آهن.فاروق ستار چيو ته هو وفاق کي چوي ٿو ته اهو پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون کان هٽي حڪومت هلائي پئي وڃي. هن چيو ته هو گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه نٿو ڪري، پر ڪراچي بابت ريفرنڊم ڪرايو وڃي ۽ شهر کي وفاق جي حوالي ڪرڻ لاءِ هڪ انتظامي يونٽ قائم ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته هاڻي سندن روڊن تي نڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ ان لاءِ تياريون جاري آهن. سندس چوڻ هو ته بعد ۾ ڪراچي جي عوام کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن روڪڻو آهي ته هاڻي ئي روڪيو وڃي.

سنڌ ڪا ليبارٽري ناهي جو وفاق حوالي ڪجي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اڃا تائين عوامي مينڊيٽ جي بدران شارٽ ڪٽ سياست تي يقين رکي ٿي، سياسي دٻاءُ لاءِ وفاقي مداخلت جهڙن معاملن کي استعمال ڪرڻ ايم ڪيو ايم جي سياسي بليڪ ميلنگ جو ثبوت آهي.فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي هن هڪ بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم عوام جو اعتماد وڃائي چڪي آهي، ان کي طاقت جي کوٽ آهي، ۽ هاڻي اها شارٽ ڪٽ جي ڳولا ۾ آهي.هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي ماڻهن جي وسيلن کي سياسي سوديبازي جو ذريعو نه بڻائڻ گهرجي، سنڌ جي معاملن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه وفاقي ڍانچي، سنڌ جي ماڻهن جو مينڊيٽ، 1973 جو آئين ۽ سنڌ ڪا ليبارٽري ناهي جتي جڏهن ڪنهن پارٽي جي سياست ڪمزور ٿئي ٿي ته  اها انهن تي حملي آور ٿئي،هن چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي ماڻهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي واضح مينڊيٽ ڏنو آهي، هي مينڊيٽ ڪنهن به پريس ڪانفرنس، ڌمڪي يا سياسي بليڪ ميلنگ سان تبديل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اقتدار جو وڏو حصو چاهي ٿي ته ان جو رستو عوام جي ووٽ مان گذري ٿو، وفاقي مداخلت يا آئيني ادارن کي سياسي تڪرارن جي ور چاڙهڻ سان اقتدار ناھي ملندو، ايم ڪيو ايم کي ٻڌائڻ گهرجي ته وفاق ۾ حڪومت جو حصو هجڻ جي باوجود، اها ڪراچي لاءِ پنهنجا واعدا ڇو پورا نه ڪري سگهي؟هن چيو ته پنهنجي ناڪامين جو الزام سنڌ حڪومت تي مڙهڻ بدران، فاروق ستار کي پنهنجي وفاقي اتحادين کان سوال ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي آئيني اختيارن، صوبائي خودمختياري ۽ ڪراچي جي عوام جي مينڊيٽ تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي.هن چيو ته سياسي بليڪ ميلنگ يا عهدن جي ورڇ ذريعي ڪراچي جي ترقي ممڪن ناهي، سنڌ حڪومت پوري طاقت سان ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ترقي، عوامي خدمت ۽ آئيني بالادستي جو سفر جاري رکندي.

 

You might also like